نيوزيلينڊ ٻئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

 ٻئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به ميزبان نيوزيلينڊ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ڊوئيڊن ۾ کيڏيل ميچ جو ٽاس برسات سبب دير جو شڪار ٿيو، پاڪستان نيوزيلينڊ کي 136 رنسن جو حدف ڏنو هو جيڪو نيوزيلينڊ 13.1 اوورز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. نيوزيلينڊ 5 ميچز تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻئين ميچ ۾ پاڪستان جي خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو پر برسات سبب ميچ في اننگز 15-15 اوورز تائين محدود ڪيو ويو. نيوزيلينڊ جي خلاف پاڪستان جي بيٽنگ جي شروعات بهتر نه رهي، پهرين وڪيٽ هڪ رنس تي ڪري پئي جنهن ۾ اوپنر حسن نواز ٻُڙي تي آئوٽ ٿي ويو جنهن کان پوءِ محمد حارث به وڌيڪ دير تائين ڪريز تي نه رڪجي سگهيو ۽ 19 جي گڏيل اسڪور تي 11 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. پاڪستان جي ٽئين وڪيٽ 50 رنسن تي ڪري جنهن ۾ عرفان خان 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته ٽئين کان پوءِ چوٿين وڪيٽ 52 رنسن تي ڪري جنهن ۾ خوشدل شاهه صرف 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان جي پنجين وڪيٽ 76 رنسن تي ڪري جنهن ۾ ڪپتان سلمان آغا 28  بالن تي 46 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. جنهن کان پوءِ شاداب  14 بالن تي 26 رنسون ٺاهيون جيڪو 110 جي گڏيل اسڪور تي وڪيٽ وڃائي ويٺو. پاڪستان جي ستين وڪيٽ 111 رنسن تي ڪري جنهن ۾ جهانداد خان ٻُڙي تي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته پاڪستان جي اٺين وڪيٽ 114 رنسن تي ڪري، عبدالصمد 11 رنسون ٺاهي سگهيو جڏهن ته نائين وڪيٽ 135 رنسن تي ڪري ۽ حارث رئوف هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.   ٻئي ٽي ٽوئنٽي لاءِ قومي ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي، اسپنر ابرار احمد جي جڳهه حارث رئوف جي ٽيم ۾ واپسي ٿي، ياد رهي ته ميزبان نيوزيلينڊ کي پاڪستان جي خلاف 6 ميچز جي سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل ٿي وئي آهي.