نيوزيلينڊ ٽن هڪ ڏينهن وارن ميچز جي سيريز جي ٻئي ميچ ۾ پاڪستان کي 84 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ نمايان برتري حاصل ڪري ورتي آهي. هيملٽس جي شيڊون پارڪ ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرر 500 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 292 رنسون ٺاهيون، نيوزيلينڊ جي وڪيٽ ڪيپر ممچل هسي 78 بالن تي 99 رنسون ٺاهيون هن پنهنجي اننگ ۾ 7 ڇڪا ۽ 7 چوڪا لڳايا. 929 رنسن جي حدف جو تعاقب ڪندي قومي ٽيم 208 رنسون ئي ٺاهي سگهي، سموري ٽيم آئوٽ ٿي وئي، پاڪستان طرفان فهيم اشرف 73 ۽ نسيم شاهه 51 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ياد رهي ته پاڪستاني ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان نيوزيلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي، نيوزيلينڊ جي اوپنرز 54 رنسن جي سٺي شروعات ڪئي، پهرين وڪيٽ ڇهين اوور ۾ نڪ گيلي جي ڪري جيڪو 31 رنسون ٺاهي حارث رئوف جي بال تي آئوٽ ٿيو. 10 اوورز ۾ ٻئي اوپنر رئو مائريو به 18 رنسن تي وسيم جونيئر جو شڪار بڻجو، انهي وقت نيوزيلينڊ جو اسڪور 71 رنسون هيو. پاڪستان طرفان محمد وسيم جونيئر ۽ سفيان مقيم 2-2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته فهيم اشرف، عاڪف جاويد ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، نيوزيلينڊ جو هڪ رانديگر رن آئوٽ ٿيو. ياد رهي ته 2 ميچ کٽڻ کا پوءِ نيوزيلينڊ کي 3 ميچز جي سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل آهي.