نيويارڪ ۾ هڪ هيلي ڪاپٽر هڊسن درياهه ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو مارجي ويا. آمريڪي ميڊيا موجب، خميس ڏينهن منجهند هڪ هيلي ڪاپٽر هڊسن درياهه ۾ ڪري تباهه ٿيڻ سبب ڇهه ماڻهو فوت ٿي ويا. حادثو جرسي سٽي جي ويجهو تقريباً 3:15 وڳي پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر ۾ 6 ماڻهو سوار هئا، جن ۾ 3 ٻار به شامل هئا، ۽ سڀني جا لاش درياهه مان ڪڍيا ويا آهن. نيويارڪ جي ميئر چيو ته حادثي ۾ مارجي ويل خاندان تعلق اسپين سان هو.