نيپال ۾ حڪومت جي بدعنوانين ۽ سوشل ميڊيا تي پابندين خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، مظاهرين پارليامينٽ جو گهيرو ڪري ڇڏيو، پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ شديد جهيڙن دوران 6 ڄڻا هلاک ۽ 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. بين الاقوامي خبرن موجب احتجاج سبب ڪٺمنڊو ميدانِ جنگ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ آنسو گيس، واٽر ڪينن ۽ ربر جي گولين جو استعمال ڪيو. رپورٽن مطابق احتجاج ان وقت شروع ٿيو، جڏهن نيپالي حڪومت فيس بڪ، يوٽيوب، واٽس ايپ ۽ ايڪس سميت 26 وڏي سوشل ميڊيا ايپس کي رجسٽريشن نه ڪرائڻ تي بند ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ترڪي ۾ به حڪومت اپوزيشن جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا تائين پهچ محدود ڪري ڇڏي آهي. رپورٽس موجب ايڪس، يوٽيوب، انسٽاگرام، فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ ۽ واٽس ايپ سميت ڪيترن ئي پليٽ فارمز تائين رسائي بند ڪئي وئي آهي. انٽرنيٽ مانيٽرنگ اداري نيٽ بلاڪس جو چوڻ آهي ته پابندي خاص طور تي اپوزيشن جماعت سي ايچ پي جي احتجاج سبب لڳائي وئي، جنهن استنبول ۾ پوليس رڪاوٽن خلاف ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو هو.