اسلام آباد: نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ 1 روپيو 25 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.بجلي جي قيمتن ۾ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي. صارفين کان 46 ارب روپيه اضافي وصول ڪيا ويندا.بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جنوري کان مارچ تائين جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ وصول ڪيا ويندا. جڏهن ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان هلندڙ سال جون کان سيپٽمبر تائين هوندو.نيپرا بجلي جي قيمتن بابت تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪندو. بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان وفاقي حڪومت طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان پوءِ ٿيندو.حڪومت في الحال بجلي جي صارفين کان 47 پئسا في يونٽ اضافي وصول ڪري رهي آهي جڏهن ته 45 پئسا في يونٽ ايڊجسٽمينٽ جون تائين وصول ڪيا ويندا.