نڌرا ٿاڻي جي حد ۾ ڌاريجا، ڪلهوڙا برادري جي هلندڙ زمين جي تڪرار

ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ۾ ڌاريجا، ڪلهوڙا برادري جي هلندڙ زمين جي تڪرار تان چار ڏينهن پهريان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل واٽھڙو معصوم نينگر سجاد ورياھ جو ڪيس سرڪار جي مدعيت ۾ ڌاريجا ۽ ڪلهوڙا برادري جي نادر ڌاريجو، اختر ڌاريجو، حزب اللّه ربن ڪلهوڙو شريف ڪلهوڙو سميت 13 سڃاتل ۽ 20 اڻسڃاتل هٿياربندن مٿان ڪيس داخل پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ يار محمد ڪلھوڙو ۽ انورپور ڌاريجا ۾ ڇاپا تيز آخري اطلاعن تائين جوابدار گرفتار ناهين ٿي سگهيا جڏهن ته زخمي ٻارڙو هن وقت گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ زندگي موت سان جنگ وڙھي رهيو آھي