پاڪستان :مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي 8 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي 8 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تجويز ڏني هئي، جڏهن ته قانوني ماهرن طرفان به حڪومت کي 8 آگسٽ تي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تجويز ڏني وئي هئي.قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي حوالي سان 9 ۽ 10 آگسٽ جي تاريخن تي به غور ڪيو ويو هو. ياد رهي ته قومي اسيمبلي جو مدو 12 آگسٽ تائين آهي. جيڪڏهن 8 آگسٽ تي اسيمبلي نه ٽوڙي وئي ته اهڙي صورت ۾ 12 آگسٽ جي رات 12 وڳي اسمبلي پاڻمرادو ٽٽي ويندي.ياد رهي ته 13 جولاءِ تي قوم کي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو هو ته 12 آگسٽ 2023 تي معاملا نگران حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏينداسين.ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو هو ته مدو پورو ٿيڻ جي ڪجهه ڏينهن اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ سان سٺو پيغام نه ويندو. ملڪ ۾ عام چونڊون 12 آڪٽوبر تائين ٿيڻ گهرجن.