هارين لاءِ وڏي خوشخبري، حڪومت جو وڏو اعلان

اسلام آباد: حڪومت سيلاب متاثرين لاءِ ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن اندر رليف پيڪيج آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي قائمہ ڪاميٽي براءِ توانائي ۾ بريفنگ دوران سيڪريٽري پاور ڊويزن فخر عالم عرفان ٻڌايو ته سيلاب متاثرين کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ تي ڪم هلي رهيو آهي ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو.سيڪريٽري پاور ڊويزن جو چوڻ هو ته سيلاب متاثر علائقن ۾ رليف لاءِ آءِ ايم ايف سان به رابطا ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته وزارت خزانه سان به ڳالهين جو سلسلو جاري آهي.ٻئي پاسي درياءِ سنڌ ۾ گڊو ۽ سکر بئراج تي اونهي درجي جو سيلاب اچي ويو آهي، جنهن سبب ڪيترن علائقن ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي.فخر عالم عرفان وڌيڪ ٻڌايو ته گذرل مالي سال ۾ 640 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 397 ارب جو نقصان ٿيو، جڏهن ته هلندڙ مالي سال لاءِ بجلي جي نقصان جو هدف 540 ارب مقرر ڪيو ويو آهي.سيڪريٽري پاور ڊويزن جو چوڻ هو ته حيسڪو ۽ سيپڪو جي بورڊز جي نئين سر تنظيم جلد ڪئي ويندي، جن ۾ گهڻا ميمبر پرائيويٽ سيڪٽر مان شامل ڪيا ويندا ته جيئن سروسز ۾ بهتري آڻي سگهجي.