هالاڻي: تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، عبدالستار شيخ فوت، زال زخمي

هالاڻي (رپورٽر ) هالاڻي-خانواهڻ لنڪ روڊ تي تيز رفتار نامعلوم ڪار هڪ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 32 ورهين جو عبدالستار شيخ ٿڏي تي سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته سندس 27 ورهين جي زال ثانيه شيخ پڻ زخمي ٿي. مقامي ماڻهن جي اطلاع تي زخمين کي فوري طور تي رورل هيلٿ سينٽر هالاڻي منتقل ڪيو ويو، جتي عبدالستار شيخ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽرن موجب ثانيه شيخ جي طبيعت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاءِ گمبٽ اسپتال ريفر ڪيو ويو. حادثي کانپوءِ ڪار جو ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.