ڪوئيٽه جي هرنائي علائقي ۾ سنجاوي روڊ تي طور خان علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته خفيه اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ڪوئيٽه جي هرنائي علائقي ۾ سنجاوي روڊ تي طور خان علائقي ۾ هڪ آپريشن دوران چار دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل چارئي دهشتگرد هڪ پابندي مڙهيل تنظيم سان لاڳاپيل هئا، علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي ڳولا لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.