هن وقت سمورا کاتا ٻين طاقتن جي هٿ ۾ آهن: اي ٽي سي جج اسلام آباد جا ريمارڪس

 دهشتگردي جي انت واري عدالت اسلام آٻاد جي جج طاهر سپرا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته هن وقت سمورا کاتا ٻين طاقتن جي هٿ ۾ آهن. اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج طاهر عباس سپرا پي ٽي آءِ ايم پي اي علي شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران ڪيس جي پراسيڪيوٽر سميت لاڳاپيل اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران جج طاهر سپرا سوال ڪيو ته اڄ به پوليس کي رڪارڊ پيش ناهي ڪرڻو، هميشه ائين ئي ٿيندو رهيو آهي؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر چيو ته جاچ آفيسر منڊي بهاءُالدين ۾ آهي، واپس ناهي آيو، عدالت کي ايڪشن وٺڻ گهرجي، عدالت وٽ تمام گهڻي طاقت آهي انهي جي باوجود پوليس رڪارڊ پيش نه پئي ڪري. جج طاهر سپرا چيو ته مون کي اڄ تائين سمجهه ۾ ناهي آيو ته پراسيڪيوشن يج ذميواري ڪهڙي آهي؟ ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش ڪرڻ اوهان جو ڪم آحي، پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته جيستائين چالان اسان وٽ نٿو اچي اسان جي ذميواري نه هوندي آهي. اي ٽي سي جج سوال ڪيو ته جاچ آفيسر جيڪڏهن عدالت نٿو اچي ته ڪنهن جي ذميواري آهي؟ اسلام آباد جو پراسيڪيوٽر تمام گهڻو ضدي آهي، سمجهي ٿو ته هو ججز جي برابر آهي، جيڪڏهن مان پوليس کي نوٽيس ڪري سگهان ٿو پوءِ ڇا اوهان کي نوٽيس نٿو ڪري سگهان. جج طاهر عباس چيو ته اسان سڀ هڪ غير معمولي صورتحال مان گذري رهيا آهيون  هن وقت سمورا کاتا ٻين طاقتن جي هٿن ۾ آهن، سڀاڻي صبح تائين ڏسي ٿا وٺون رڪارڊ اچي ويندو. عدالت چيو ته اوهان کي پگهار انهي لاءِ ملندي آهي ته اوهان معاشري ۾ انصاف کي يقيني بنايو جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.