هڪ هفتو اڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل بڊاڻي واسي مکي جگديش ڪمار

هڪ هفتو اڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل بڊاڻي واسي مکي جگديش ڪمار ۽ معصوم نينگر جيئديپ ڪمار جي بازيابي لاء هنڌو برادري پاران بڊاڻي شهر ۾ ريلي ڪڊي وئي آهي مکي جگديش ڪمار ۽ معصوم نينگر جي بازيابي لاء نڪتل ريلي ۾ هنڌو برادري جي ماڻهن ۽ معصوم ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري امن کپي ۽ مکي جگديش ۽ معصوم نينگر کي بازياب ڪرايو جا نعرا لڳايا ويا انهي موقعي تي بڊاڻي شهر مڪمل بند ٿي ويو ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن استاد شيشپال داس واش ديو ڪمار سنيل ڪمار ۽ ٻين چيو آهي ته هر روز انتظاميان خالي آسرا ڏيئڻ ۾ پوري آهي اميرن پاران به ڪو قدم ناهي کنيو ويو جنهن سبب اسين مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهي اسان سان ٿيندڙ ظلم بند ڪري جلد کان جلد مغوي بازياب ڪرائي ڏنا وڃن