“چانهه پيئندي قتل — بلديه ٽائون ۾ فائرنگ، ٻه مزدور مارجي ويا”

ڪراچي: بلديه ٽائون جي علائقي گلشنِ مزدور ۾ واقع هڪ چاءِ هوٽل تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن نوجوانن، 25 ورهين جي وهاب ۽ 28 ورهين جي حبيب الله، جان وڃائي ويئي عيني شاهدن موجب، فائرنگ اوچتو شروع ٿي. هڪ دڪاندار ٻڌايو: “منهنجو ڦُلن جو ٿَلهو هوٽل جي ويجهو لڳو آهي، اوچتو گوليون هلڻ جو آواز آيو ته مان ڊوڙي هوٽل تي ويس، جتي ٻه ماڻهو رت ۾ لت پت پيل هئا. مان هڪ زخمي سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن رڳو ايترو چيو ته ‘ڊاڪُو آيا هئا’ هوٽل ملازمن به تصديق ڪئي ته هٿياربندن نه رڳو فائرنگ ڪئي، پر واقعي دوران گراهڪن جا موبائيل فون به لوٽي فرار ٿي ويا پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي فوت ٿيندڙن جو تعلق ڪوئٽه سان آهي، ۽ ابتدائي جاچ مان لڳي ٿو ته واقعو ڊڪيتي دوران مزاحمت جو نتيجو هجي. البت پوليس ان امڪان کي به رد نٿي ڪري ته قتل جي پويان ذاتي دشمني شامل هجي، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪجهه ڏينهن اڳ مقتولين جو ڪنهن سان جهيڙو ٿيو هو واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن⁠تہ پوليس اطراف جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.