واشنگٽن ۾ فائرنگ، اسرائيلي سفارتخاني جا 2 اهلڪار مارجي ويا

  آمريڪا جي راڄڌاني واشنگٽن ڊي سي ۾ فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ اسرائيلي سفارتخاني جا 2 اهلڪار مارجي ويا آهن. قطري خابرو اداري موجب اهو واقعو اربع جي رات انهي وقت پيش آيو جڏهن ڪيپيٽل يهودي ميوزيم جي ٻاهر هڪ تقريب جاري هئي. جنهن دوران نامعلوم حملي آور ٻاهر موجود ٻن ماڻهن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. آمريڪي سيڪيورٽي چيف تصديق ڪئي آهي ته مارجي ويل ٻئي ڄڻا اسرائيلي سفارتي عملي جا ميمبر  هئا. ٽرمپ انتظاميه جي اڳوڻي هوم لينڊ سيڪيورٽي ڊائريڪٽر ڪرسٽي نوم سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان انهي حملي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ ضرور آڻينداسين. اڃان تائين انهي حملي جي ذميواري ڪنهن به گروپ قبول ناهي ڪئي، واقعي جي جاچ جاري آهي، واشنگٽن پوليس سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي.