وانا ڌماڪو: ريموٽ ڪنٽرول بم حملو، 3 شهيد، 14 زخمي – علائقي ۾ ايمرجنسي لاڳو

تعلقه وانا جي مصروف رستم بازار ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته 2 پوليس اهلڪارن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا ڊي ايس پي عمران الله موجب ڌماڪو پوليس موبائيل وين جي ويجهو ٿيو، جنهن سبب پوليس گاڏي کي به سخت نقصان پهتو. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ شدت سان فائرنگ به ڪئي وئي ڊي پي او طاهر شاهه چيو ته واقعي جي فوري بعد علائقي کي گھيري ۾ وٺي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان شاهدين ۽ شواهد گڏ ڪرڻ جو عمل جاري آهي زخمين ۽ لاشن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال وانا منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. اسپتال ذريعن موجب زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي هي حملو ڏکڻ وزيرستان ۾ امن جي واٽ تي هڪ ٻي رڪاوٽ طور ڏٺو پيو وڃي، جتي ماضيءَ ۾ به سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو ويندو رهيو آهي.