واشنگٽن: واٽس ايپ دنيا ۾ مشهور ترين ميسجنگ ايپ آهي پر ان جي گروپ چيٽس ذريعي ايندڙ تصويرون ۽ وڊيوز سبب فون اسٽوريج تيزي سان ڀرجي ويندي آهي.پر هاڻي ڪمپني ان جو هڪ انوکو حل ڳولي ورتو آهي ته جيئن فون جي اسٽوريج کي بچائي سگهجي.واٽس ايپ جي اَپ ڊيٽس تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب واٽس ايپ هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو اسٽوريج فُل ٿي وڃڻ وارو مسئلو حل ڪندو.واٽس ايپ طرفان آءِ او ايس بيٽا ورزن ۾ ايڪسپائرنگ گروپس نالي هڪ فيچر پيش ڪيو ويو آهي جيڪو بنيادي طور ڊي اپيئرنگ فيچر جهڙو ئي آهي جيڪو انفرادي چيٽس لاءِ سال ٻه هزار ٻاويهه ۾ پيش ڪيو ويو هو.ان فيچر ذريعي صارفين گروپس جي پيغامن لاءِ ايڪسپائري ڊيٽ جو تعين ڪري سگهندا، صارفين لاءِ ڏينهن، هڪ هفتو يا ڪاسٽيوم ڊيٽ جهڙن آپشنز فراهم ڪيا ويندا.صارف وٽ اِهو اختيار به هوندو ته هو ايڪسپائري ڊيٽ کي ڊليٽ ڪري ڇڏي، فلحال ڄاڻايل فيچر تياري واري مرحلي مان گذري رهيو آهي ۽ ان کي عام صارفين تائين پهچڻ ۾ ڪيئي هفتا يا مهينا لڳي سگهن ٿا.پر هي فيچر واٽس ايپ لاءِ هڪ ڪارائتو ٽول ثابت ٿيندو، هن فيچر جي مدد سان پراڻن يا غيرلاڳاپيل گروپن جي صفائي ڪرڻ وارو عمل سولو ٿي ويندو، جنهن ذريعي ڊيوائس جي اسٽورج پڻ بهتر ٿيندي.