وزيرآباد کان پوءِ مون کي ٻيون ڀيرو 18 مارچ تي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: عمران خان

لاهور: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته منهنجي مٿان هڪ ڀيرو وزيرآباد ۾ ۽ ٻيون ڀيرو 18 مارچ تي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمران خان چيو ته عدالتن جو احترام ڪندو آهيان، پير ۾ سوچ جي باوجود پيش ٿيندس، هنن جهڙو نه آهيان جن جي پنهنجي مرضي جو فيصلو نه اچي ته ججز خلاف پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏين.هن چيو ته 3 ڏينهن اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيو آهي ته مون کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هڪ ڀيرو وزيرآباد ۾ ۽ ٻيون ڀيرو 18 مارچ تي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر خوشقسمتي سان بچي ويس.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سمورا پاڪستاني ڇنڇر تي چيف جسٽس سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ ڪلاڪ لاءِ ٻاهر نڪرن، هن وقت مافيا چيف جسٽس جي پٺيان هٿ ڌوئي پويان پئجي وئي آهي، مافيا سپريم ڪورٽ کي به ورهائي ڇڏيو آهي.عمران خان چيو ته پي ڊي ايم وارا آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿيڻيون آهن پر هو چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن.