وزيراعظم شهباز شريف ايف سي ۽ رينجرز جي آفيسرن ۽ جوانن کي پاڪ فوج جي برابر پگهارون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف عيد جو پهريون ڏينهن سرحدن جي حفاظت ڪندڙ آفيسرن ۽ جوانن سان گڌ گذاريو. وفاقي وزير ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير به وزيراعظم سان گڏ هو.گذريل ڏينهن پارا چنار جي دوري تي ايف سي ۽ رينجرز جي دستن سان خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي حفاظت تي مقرر جوانن جي حوصلن جي تعريف ڪندي انهن جون پگهارون پاڪ فوج جي برابر ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.جوانن ۽ آفيسرن سان ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آرمي چيف سان گڏ اڄ مان عيد جو ڏينهن اوهان سان گڏ گذاري رهيو آهيان ته جيئن ملڪ جي سرحدن جي جرئت ۽ بهادري سان حفاظت ڪندڙ پنهنجن آفيسرن ۽ جوانن جي ڪاوشن ۽ جذبن کي خراج تحسين پيش ڪريان.ان موقعي تي اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم اهو قدم ايف سي ۽ رينجرز جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڪيو آهي.