وزيراعظم سان بئريڪ ڪارپوريشن جي چيئرمين جي ملاقات، ڪراچي ۽ گوادر ۾ ريفائننگ پلانٽس لڳائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ADN سنڌي): وزيراعظم شهباز شريف سان بئريڪ مائيننگ ڪارپوريشن جي چيئرمين جان ٿورنٽن جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ريڪوڊڪ رٿا کان علاوه خام معدنيات ملڪ اندر پروسيس ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۽ گوادر ۾ جديد ريفائننگ پلانٽس قائم ڪرڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. وزيراعظم چيو ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل سيڪيورٽي ۽ آسان سهولتون مهيا ڪري رهي آهي.