14 نومبر: سڄي دنيا سميت سنڌ ۾ شوگر جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو سلسلو، اسپتالن ۾ مفت ڪيمپس قائم

ڪراچي (ADN سنڌي): اڄ 14 نومبر تي سڄي دنيا سميت سنڌ ۽ ملڪ جي سمورن شهرن اندر ذيابيطس (شوگر) کان بچاءُ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. سنڌ جي صحت کاتي پاران سمورن وڏن ۽ ڊويزنل اسپتالن ۾ مفت تشخيصي ۽ بلڊ شگر چيڪ اپ ڪيمپس لڳايون ويون آهن. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته متوازن غذا ۽ روزانو پنڌ ڪرڻ سان هن خطرناڪ مرض کان پاڻ کي محفوظ رکي سگهجي ٿو.