ڪراچي (ADN سنڌي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت صوبي جي سمورن ضلعن ۾ رولڙي جو شڪار روڊن، پُلن ۽ پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيمن جي فوري مڪمل ڪرڻ لاءِ خصوصي فنڊز جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪمن ۾ ڪنهن به قسم جي سستي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ آفيسر روزاني بنيادن تي ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪن ته جيئن عوام کي سفري سهولتون مهيا ٿي سگهن.