نيويارڪ (ADN سنڌي): گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ وچ اوڀر جي بگڙجندڙ صورتحال تي ايمرجنسي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ غزه ۽ ڏکڻ لبنان ۾ جنگ بندي ۽ بي گهر ٿيل شهرين تائين کاڌو ۽ دوائون پهچائڻ لاءِ محفوظ رستا کولڻ جو شديد مطالبو ڪيو ويو. يو اين سيڪريٽري جنرل چيو ته عام آباديءَ تي حملا عالمي قانونن جي کُلي لتاڙ آهن ۽ عالمي برادري کي فوري امن معاهدو ڪرائڻ گهرجي.