اسلام آباد (معاشي نمائندو): وفاقي حڪومت ملڪ ۾ وياج ڪان پاڪ معيشت ۽ اسلامي مالياتي نظام جي ڀرپور ترقي لاءِ پنهنجي غير متزلزل عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته بئنڪنگ سيڪٽر ڪي مرحليوار اسلامي اصولن سان هم آهنگ بڻايو پيو وڃي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ مالي ماهرن جي اعليٰ سطحي بريفنگ دوران ڄاڻايو ويو ته ملڪ ۾ اسلامي بينڪن جي اثاثن ۽ ذخيرن ۾ سالياني بنيادن تي غير معمولي اضافو ٿي رهيو آهي. حڪومت صڪوڪ بانڊز ۽ شريعت سان لاڳاپيل سرڪاري تمسڪات جاري ڪري مالي ڪوٽ ڪي پورو ڪرڻ تي ڪاميابي سان عمل ڪري رهي آهي.
معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته اسلامي مالياتي ماڊل نه رڳو مذهبي امنگن جو عڪاس آهي پر ان سان بينڪنگ سروسز ڪان ٻاهر رهندڙ ڪروڙين شهرين جو مالي ادارن تي اعتماد وڌيو آهي ۽ ملڪي بچتن جي شرح به بهتر ٿي رهي آهي.