نائب وزيراعظم اسحاق ڊار مائننگ ۽ معدني شعبن ۾ سيڙپڪاري بابت بريفنگ ڏيندي

معدنيات ۽ مائننگ جي شعبي ۾ عالمي سيڙپڪاري لاءِ وسيع موقعا موجود آهن: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

اسلام آباد (مهمند خان): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ذريعي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو ماحول شفاف ۽ آسان بڻايو ويو آهي، جنهن سان ملڪي ۽ پرڏيهي ڪاروباري ادارن ڪي وڏي هٿي ملي آهي.

اسلام آباد ۾ منعقد مائننگ سربراهي ڪانفرنس دوران نائب وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته ريڪوڊڪ جهڙا تاريخي منصوبا ثابت ڪن ٿا ته پاڪستان غير ملڪي سرمائي لاءِ مڪمل محفوظ ۽ منافعي بخش ملڪ آهي. حڪومت ريلوي نيٽ ورڪ، روڊ رستن ۽ بندرگاهن ڪي معدني علائقن سان ڳنڍڻ لاءِ تيزي سان رستا صاف ڪري رهي آهي.

هن وڌيڪ واضح ڪيو ته مقامي خام مال جي پراسيسنگ ملڪ اندر ئي ڪرڻ تي خاص رعايتون ڏنيون پيون وڃن ته جيئن پاڪستان خام مال برآمد ڪرڻ بدران تيار ٿيل قيمتي معدنيات دنيا ڪي وڪرو ڪري سگهي.