اسلام آباد (ADN سنڌي): وفاقي حڪومت پاران بجلي چوري، اسمگلنگ ۽ گهرو ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ خصوصي ٽاسڪ فورسز کي مڪمل اختيار ڏئي آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. توانائي واري وزارت جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچائيندڙن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اوور بلنگ توڙي لائين لاسز وڌائيندڙ سرڪاري عملدارن خلاف به قانوني ڪارروائي عمل ۾ ايندي.