وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل جنرل سيد عاصم منير مٿان قاتلاڻي حملي جي سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي ڪاري ڏينهن جي لاءِ به اهڙي ئي مهم هلائي وئي هئي، ان ڪري 9 مئي جي منصوبي سازي، سهولتڪار ۽ بينڊلرز کي ٻن لفظن ۾ اهو پيغام ڏيون ٿا ته پاڪستان ۽ ان جي ادارن خلاف هر سازش کي چيڀاٽي ڇڏينداسين.هن چيو ته آرمي چيف ۽ فوج خلاف چڙ ڏياريندڙ ميڊيا مهم شيطاني ذهن جي منصوبه بندي جو نتيجو آهي. سازشي ذهن ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام خلاف هڪ دفعو ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن. شهيدن خلاف مهم هلائيندڙن جي نئين ميڊيا مهم هڪ ئي منصوبي جي ڪڙي آهي. هن چيو ته فوج ۽ ان جي سربراهه خلاف ميڊيا مهم اظهار جي آزادي جي زمري ۾ نٿي اچي. اها صرف سازش آهي جنهن کي پوري طاقت سان روڪڻ قانوني فرض آهي.وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي ميڊيا مهم هلائيندڙن خلاف ملڪ اندر ۽ پرڏيهه ۾ قانوني قدم کڻڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته فوج ۽ ان جي سربراهه خلاف ميڊيا مهم اظهار جي آزادي جي زمري ۾ نٿي اچي اها ميڊيا مهم سازش آهي جنهن کي پوري طاقت سان روڪڻ قانوني فرض آهي. قوم هن سازش کي 9 مئي جي خانه جنگي واري سازش جيان ناڪام بڻائيندي.