وزيراعظم شهباز شريف جو سنڌ ۽ ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري امدادي قدمن جو حڪم

وزيراعظم شهباز شريف سنڌ، خاص طور تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻوڏ صورتحال جو نوٽيس وٺندي متاثر خاندانن جي مدد ۽ بحالي لاءِ اوليت جي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي۔ وزيراعظم قومي آفتن جي انتظامي اداري (اين ڊي ايم اي) کي حڪم ڏنو آهي ته هو ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ امدادي ڪاررواين لاءِ صوبائي حڪومت ۽ سنڌ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سان مڪمل تعاون ۾ رهي، ته جيئن متاثر علائقن ۾ فوري ريسپانس مهيا ڪري سگهجي۔ شهباز شريف ڪراچي ۾ متحرڪ امدادي ڪاررواين تي ريسڪيو 1122، پاڪ فوج ۽ رينجرز جي ڪوششن کي ساراهيو، جڏهن ته گڏاپ ندي ۾ شهرين جي ٻڏي وڃڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو۔ وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي جلد ڳولا ڪئي وڃي۔هن وڌيڪ چيو ته عوام کي ٻوڏ صورتحال بابت باخبر رکڻ لاءِ آگاهي مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ته جيئن ماڻهو پنهنجو تحفظ يقيني بڻائي سگهن۔ گڏوگڏ هن هدايت ڪئي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ مواصلاتي نظام کي به جلد کان جلد بحال ڪيو وڃي۔ وزيراعظم شهباز شريف واضح ڪيو ته ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون مڪمل طور تي سرگرم آهن ۽ گڏجي متاثر علائقن جي عوام جي مدد ڪنديون۔