وزيراعظم شهباز شريف سموري ملڪ ۾ آيل ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ٿيل نقصانن جي بحالي لاءِ جاري ڪم هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔ نيويارڪ ۾ يو اين جنرل اسيمبلي اجلاس کي خطاب کان فوري بعد وزيراعظم ٻوڏ جي صورتحال ۽ بحالي جي قدمن بابت جائزه اجلاس طلب ڪيو، جنهن ۾ هن رليف ۽ بحالي جون ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ تي زور ڏنو۔ شهباز شريف اجلاس ۾ چيو ته: ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين.” “جنرل اسيمبلي ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت پاڪستانين جي آواز سموري دنيا تائين پهچائي آهي۔” “پاڪستان جهڙو ملڪ مسلسل قدرتي آفتن جو شڪار ٿي رهيو آهي، ان لاءِ عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔” وزيراعظم وفاقي وزير احسن اقبال کي امداد ۽ بحالي جي آپريشن جي سخت نگراني ڪرڻ ۽ باقاعدي جائزه اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته چيئرمين اين ڊي ايم اي کي صوبن ۽ پي ڊي ايم ايز سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔ شهباز شريف چيو ته ٻوڏ سبب فصلن ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان جلد بحال ڪيو وڃي، جيئن امدادي ڪارروائين ۽ بحالي لاءِ جامع منصوبابندي ۾ آساني ٿئي۔ ان کان علاوه وزيراعظم: ايم-5 موٽر وي تي ستلج درياءَ سبب متاثر حصن جي بحالي لاءِ اين ايڇ اي کي قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔ جلالپور پيروالا وٽ گهاري جي فوري مرمت جو حڪم ڏنو۔ صحت کاتي کي پاڻي سبب پکڙجندڙ بيمارين کان بچاءَ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي۔ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نون فائديمند فصلن جي پوکي لاءِ به خصوصي حڪم جاري ڪيا۔