اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا جو دورو ڪندا، جتي سندن 26 سيپٽمبر تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات متوقع آهي.سفارتي ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات يو اين جنرل اسيمبلي جي سائیڊ لائينز تي طئي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته وزيراعظم پنهنجي دوري دوران 26 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي کي خطاب به ڪندا.ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف ڪل ٽي ملڪي دوري تي روانو ٿيندا، هو سڀ کان پهرين 17 سيپٽمبر تي سعودي عرب پهچندا، جتي سعودي قيادت سان اهم ملاقاتون طئي آهن. ان کان پوءِ هو برطانيا جو دورو ڪندا ۽ 21 سيپٽمبر تي آمريڪا روانا ٿيندا.ذريعن موجب وزيراعظم 22 سيپٽمبر تي فلسطين جي “ٻه رياستي حل” بابت سربراهي ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪندا.