وزيراعظم شهباز شريف سان بنگلاديش جي مذهبي معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر اي ايف ايم خالد حسين ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڏامن جي جلد بحالي ۽ ٻطرفي تعلقات کي مضبوط ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميڊيا ونگ پي ايم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۾ بنگلاديش جو هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان پڻ موجود هو. وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر حسين ۽ سندس وفد کي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جا تعلقات تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي بنيادن تي مضبوط آهن، ۽ عوامي، علمي، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ملاقات دوران نيويارڪ ۽ قاهره ۾ ٿيل ملاقاتن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ چيف ايڊوائزر پروفيسر محمد يونس جي قيادت ۽ غربت جي خاتمي ۾ ڪردار جي تعريف ڪئي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. ڊاڪٽر حسين پنهنجي آجيان تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جا تعلقات ڀائراڻا ۽ تاريخي رابطن سان جڙيل آهن. هن چيف ايڊوائزر پروفيسر محمد يونس جو هڪ خط وزيراعظم کي ڏنو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي تعزيت ڪئي وئي ۽ امداد جي پيشڪش ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين اڏامن جي جلد بحالي ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ممڪن قدمن تي پڻ خيالن جو ڏي وٺ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جا اعليٰ سطح جا دورا جاري رهندا، ۽ هن چيف ايڊوائزر کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جڏهن ته بنگلاديشي صلاحڪار پڻ وزيراعظم کي بنگلاديش جي دوري جي دعوت ڏني.