وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري دوران عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي وفد سان گڏ عمرو ادا ڪيو، وزيراعظم خانه ڪعبه ۾ نفل ادا ڪيا، ملڪ، قوم ۽ مسلمان امت جي فلاح، بهبود ۽ ترقي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف مسجد نبوي ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي هئي جنهن کان پوءِ عمري جي ادائيگي لاءِ وفد سان گڏ ٽرين ذريعي مڪي شريف ڏانهن روانو ٿيو هو. وزيراعظم شهباز شريف 3 ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب ۾ موجود آهي جتي هن گذريل ڏينهن جده ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي هئي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد وچ ۾ ملاقات دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو ۽ گڏيل ڀائيواري کي نئين بلندين تائين پهچڻ جو ارادو ڪيو ويو هو.