وزيراعظم شهباز شريف ٽريفڪ قانون تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپيل اختيارين کي سختي سان ٽريفڪ قانون تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪلرڪهار بس حادثي جي نتيجي ۾ ضايع ٿيندڙ انساني حياتين تي ڏک جو اظهار ڪيو. شهباز شريف چيو ته موٽر وي اختياريون ان ڳالهه کي يقيني بنائين ته موٽر وي تي هلندڙ گاڏيون سفر جي قابل هجن ۽ ڊرائيور ڊرائيونگ جي سمورن معيار تي پورا لهن. قائدن ۽ ضابطن تي سختي سان عمل ڪري سفر کي محفوظ بنائي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته منهنجيون همدرديون ۽ دعائون اهڙن خاندانن سان گڏ آهن جن جا پيارا هن خوفناڪ حادثي ۾ وڇڙئي ويا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن راولپنڊي ۾ موٽر وي تي مسافر بس جي حادثي ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا هئا. موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب راولپنڊي ۾ موٽر وي ڪلرڪهار ويجهو ساڍي 3 وڳي مسافر بس حادثي جو شڪار ٿي هئي جنهن ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ 13 سخت زخمي ٿي پيا هئا.