وزيراعظم شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن وچ ۾ ملاقات، ٻنهي اڳواڻن طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار

وزيراعظم شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف گذريل رات آمريڪي صدر جوبائيڊن طرفان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي سربراهن لاءِ تقريب ڪوٺائي جنهن ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.تقريب دوران وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي صدر جوبائيڊن ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.  گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۽ آمريڪي صدر طرفان ڏنل دعوت ۾ شرڪت کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف نيو يارڪ جو پنجن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ملڪ واپس روانو ٿي ويو آهي. پنهنجي دوري دوران هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سان خطاب سميت مختلف ملڪن  جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪيون.وزيراعظم کي ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ، نيويارڪ ۾ قونصل جنرل عامر اتوزئي ۽ گڏيل قومن ۾ نائب مستقل سفير عثمان جدون الوداع ڪيو.