وزيراعظم محمد شهباز شريف : رياست جوناگڑھ جي نواب محمد جهانگير خانجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم نواب جهانگير خانجي جي لاءِ مغفرت ۽ سندس خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته نواب جهانگير خانجي سڄي زندگي جوناگڑھ تي ڀارت جي ناجائز قبضي خلاف آواز اٿاريو.