وزيراعظم کي پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جي تجويز اماڻي وئي

وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جي تجويز اماڻي وئي آهي. رپورٽ موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 8 روپيه 27 پئسا گهٽ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 روپيه 96 پئسا گهٽتائي جي تجويز اماڻي وئي آهي. لائٽ ڊيزل 7 روپيه 21 پئسا سستو ٿي سگهي ٿو، گاسليٽ جي قيمت ۾ 7 روپيه 21 پئسا گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي. جيڪڏهن وزيراعظم پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ ڪري ٿو ته پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 246 روپيه 36 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 251 روپيه 68 پئسا في ليٽر ٿي سگهي ٿي. قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جو حتمي فيصلو وزيراعظم شهباز شريف پاڻ ڪندو، نيون قيمتون اڄ رات 12 وڳي  کان پوءِ لاڳو ڪيون وينديون.