وفاقي سرڪار طرفان ايندڙ مالي سال 2023-24 جي وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ايڊهاڪ الائونس جي مد ۾ 30 سيڪڙو جڏهن ته پينشن ۾ 20 سيڪڙو سميت ميڊيڪل ۽ ڪنوينس الائونسز ۾ واڌ جو امڪان آهي.هوڏانهن پي اينڊ پينشن ڪميشن حڪومت کي سرڪاري ملازمن کي ملندڙ ميڊيڪل ۽ ڪنوينس الائونسز ۾ سئو سيڪڙو واڌ ڪري پگهارن ۾ ايڊهاڪ الائونس جي مد ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.ناڻي واري وزارت جي ريگوليشن ونگ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ بابت 3 تجويزون تيار ڪيون ويون آهن جيڪي وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ڪابينه جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون ۽ ساڳئي اجلاس ۾ ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن سان گڏوگڏ الائونسز ۾ واڌ جي باري ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.ذريعن موجب ايندڙ مالي سال 2023-24 جي وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي لاءِ پي اينڊ پينشن ڪميشن جي سفارش جي حوالي سان پهرين تجويز ۾ ملازمن کي ملندڙ ميڊيڪل ۽ ڪنوينس الائونسز ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪري پگهارن ۾ ايڊهاڪ الائونس جي مد ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جي تجويز آهي. ساڳئي طرح ريٽائرڊ ملازمن کي ملندڙ ميڊيڪل الائونسز ۾ به 100 سيڪڙو واڌ ڪري پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي.