وفاقي سرڪار پينشنرز جي پينشن ۾ 7 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پينشن ۾ 7 سيڪڙو اضافي جو اعلان ريٽائرڊ سويلين، آرمڊ فورسز ۽ سول آرمڊ فورسز پينشنرز تي به هوندو ناڻي واري وزارت موجب پينشن ۾ واڌ جو اعلان پهرين جولاءِ 2025 کان يا انهي کان پوءِ رٽائرڊ ٿيندڙ پينشنرز تي هوندو. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گذريل 3 سالن کان خالي سموريون نوڪريون ختم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته نئين نوڪرين جي تخليق تي به پابندي برقرار رهندي انهي کان علاوه هلندڙ مالي سال هر قسم جي سرڪاري گاڏين، مشينري، اوزارن جي خريداري، حڪومتي خرچن تي ملڪ کان ٻاهر علاج ۽ حڪومتي خرچ تي غير ضروري پرڏيهي دورن تي پابندي جاري رهندي.