وفاقي سرڪار پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

 وفاقي سرڪار پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته فنانس ڊويزن انهي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. فنانس ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي هيٺ مٿانهين جي بنياد تي صارفين لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جي حوالي سان ڪم ڪيو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته موٽر اسپرٽ اينڊ ايڇ ايس ڊي جي نئين قيمتن جي شروعات 29 مارچ 2025 کان شروع ٿيندو. حڪومت پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ هڪ روپئي جي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ في ليٽر پيٽرول جي نئين قيمت 254 روپيه 63 پئسا ٿيندي جڏهن ته انهي کان اڳ في ليٽر قيمت 255 روپيه  63 پئسا هئي. اهڙي طرح هاءِ اسپيڊل ڊيزل جي قيمت ۾ ڪابه هيٺ مٿانهين نه ڪئي وئي آهي. في ليٽر قيمت لاڳيتو 258 روپيه 64 پئسا ئي مقرر آهي.