وفاقي سرڪار ڊيزل جي قيمت ۾ ساڍا ست روپيه واڌ ڪري ڇڏي، پيٽرول جون قيمتون ساڳيون رهنديون

وفاقي سرڪار آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) جي سفارش تي پيٽرول جون قيمتون ساڳيون برقرار رکڻ جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ ساڍا ست روپين جو اضافو ڪري ڇڏيو.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ايندڙ پندرنهن ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جو اعلان ڪيو ۽ ٻڌايو ته پهرين جولاءِ کان 15 جولاءِ جي رات تائين ڊيزل جي قيمت ۾ 7 روپيه 50 پئسن جو اضافو ڪيو ويو آهي.هن ٻڌايو ته حڪومت ايندڙ پندرنهن ڏينهن جي لاءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ ڪابه واڌ نه ڪئي. اسحاق ڊار چيو ته اوگرا قيمتون گهٽ کان گهٽ رکڻ جي سفارش ڪئي هئي جنهن تي وزيراعظم سان مشاورت کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو.ناڻي واري وزير چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ ڪافي اضافو ٿيو آهي جنهن سبب ڊيزل جي قيمت ۾ ساڍا ست روپين جو اضافو ڪيو پيو وڃي.ياد رهي ته اوگرا ايندڙ پندرنهن ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن بابت سمري ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻي هئي. امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو ته حڪومت عوام کي ريليف ڏيندي.