وفاقي : وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ويندي ۽ 3 مهينن کان پوءِ چونڊون ٿينديون خورشيد شاهه چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليون به 9 آگسٽ تي ٽوڙيون وينديون. نگران وزيراعظم جي لاءِ پنج نالا شارٽ لسٽ ڪيا ويا آهن جن ۾ سياسي نالا به شامل آهن ياد رهي ته دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ٻن وڏين اتحادي پارٽين نگران وزيراعظم جي لاءِ پنج نالن جي چونڊ ڪري ورتي آهي. اهي پنج نالا صرف مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ آهن. ٻئي پارٽيون سياستدانن کي نگران وزيراعظم بنائڻ جي حق ۾ آهن خواجه آصف اميد ظاهر ڪئي آهي ته هڪ هفتي ۾ ڪنهن هڪ جو نالو فائنل ڪيو ويندو. جنهن کان پوءِ ٻين اتحادين سان به مشاورت ڪئي ويندي