وفاقي ڪابينه قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا.ذريعن موجب وفاقي ڪابينه قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني، جڏهن ته ڪابينه جي قانون سازي بابت ڪميٽي جي 3 ۽ 11 مئي جي فيصلن جي به منظوري ڏني وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين تي فراهم ڪيل رليف عوام کي نه پهچائيندڙن خلاف ڪارروائي جي به منظوري ڏني وئي.ياد رهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فوجي ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو هو.