وفاقي گهرو وزارت خيبر پختونخواهه حڪومت کان افغان شاگردن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. وفاي گهرو وزارت جي فارين نيشنل سيڪيورٽي سيل گهرو سيڪريٽري خيبرپختونخواهه کي خط لکي صوبي ۾ افغان شاگردن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. گهرو وزارت طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پريڏيهي نيشنل سيڪيورٽي سيل پرڏيهين بابت ڊيش بورڊ کي اپ ڊيٽ ڪري رهيو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ تعليم هيٺ سمورن افغان شاگردن جو ڊيٽا 27 مارچ تائين اماڻيو ويندو. ياد رهي ته گهرو وزارت سمورن افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرز کي 31 مارچ تائين پاڪستان مان نڪرڻ جي هدايت ڪري رکي آهي. گهرو وزارت پنهنجي بيان ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل سمورن پرڏيهين کي 31 مارچ تائين ملڪ مان وڃڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ ملڪ نه ڇڏڻ تي پهرين اپريل کان ملڪ بدر ڪرڻ جي وارننگ ڏني هئي.