وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ غيرقانوني تعميرات ۽ غير رجسٽرڊ هائوسنگ سوسائٽيز جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. گهرو وزارت جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو مملڪتي وزير طلال چوڌري، گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر، آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر شرڪت ڪئي. گهرو وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سيٽلائيٽ گڏجاڻي ڪوٺائي هر قسم جي غير قانوني تعميرات کي روڪيو وڃي. لاڳاپيل آفيسر انهي سلسلي ۾ زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل يقيني بنائين. محسن نقوي چيو ته اسلام آباد ۾ شهرين کي عالمي معيار جي خدمتن جي فراهمي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، شهرين جي جان، مال جي تحفظ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪسر نه ڇڏي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي راڄڌاني ۾ پوليس ۽ انتظاميه جي اميج کي بهتر بنائڻو آهي، شهرين جي سهوليت لاءِ لاڳاپيل آفيسر نئون انيشينو کڻي اچن. گهرو وزير اسلا