وفاقي گهرو وزير بيرسٽر گوهر کي عمران خان سان ملاقات جو يقين ڏياري ڇڏيو

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب محسن نقوي رات دير سان پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ اڄ ٻنپهرن جو 2 وڳي کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ملاقات جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي صرف بيرسٽر گوهر کي اڪيلي طور تي ملاقات جو يقين ڏياريو آهي. ذريعن موجب بيرسٽر گوهر طرفان پي ٽي آءِ باني سان ذاتي معالج جي به ملاقات جي درخواست ڪئي هئي، تحريڪ انصاف عمران خان سان ملاقات لاءِ گهرو وزارت کي درخواست پڻ ڏني هئي.