اسلام آباد: وفاقي پوليس آفيسر غلام محمد ڊوگر جون خدمتون پنجاب حڪومت حوالي ڪيون ويون.سپريم ڪورٽ غلام محمد ڊوگر کي سي سي پي او لاهور جي عهدي تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.غلام محمد ڊوگر کي ٽيويهه جنوري تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو ۽ نگران حڪومت ان جي جاءِ تي بلال صديق ڪميانا کي سي پي او لاهور مقرر ڪيو هو.