پريالوءِ: ڀرسان ويسٽ فيڊر ڪئنال جا ڪپر ڪمزور، ڀڪون ڪرڻ لڳيون، گهارو پوڻ جي صورت ۾ ڪپر ٽٽڻ جو خدشو، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو۔ تفصيل موجب، ويسٽ فيڊر ڪئنال ابل واھ جا ڪپر مختلف هنڌن تان مرمت نه ٿيڻ سبب ڪمزور ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ويسٽ فيڊر ڪئنال ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ بعد ڳاڙهي موري راميجا ريگيوليٽر وٽ ڪنارن جون ڀڪون ڪرڻ لڳيون آهن۔ ان صورتحال سبب ڪئنال جا ڪمزور ڪپر ٽٽڻ جو خدشو آهي، جنهن ڪري ڳوٺاڻن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن محمد علي مهر، دادن اتيرا، عبدالحفظ مهر ۽ ٻين ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ايريگيشن کاتي جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب ابل واھ جا ڪنارا سالن کان مرمت نه ٿيڻ ڪري ڪمزور ٿي ويا آهن، جنهن سبب ڪئنال جا ڪپر مختلف هنڌن تان ڪمزور ٿي چڪا آهن ۽ ٽٽڻ جو خدشو آهي، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪئنال ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ يا ريگيوليٽر جي اتر طرف وارا دروازا (گيت) کولڻ جي صورت ۾ ڪپر ٽٽڻ جي صورت ۾ ڪيترائي ڳوٺ ۽ لکين روپين جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويندا، هنن وڌيڪ دانهيو ته ايريگيشن کاتي جي عملدارن کي بار بار آگاهه ڪرڻ باوجود عملدارن جي طرفان ڪپرن جي ڪابه مرمت نه ٿي ڪرائي وڃي۔ مظاهرين سنڌ جي وڏي وزير، آبپاشي جي صوبائي وزير ۽ ڊي سي خيرپور کان ويسٽ فيڊر ڪئنال جي ڪمزور ڪنارن جي تڪڙي مرمت ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي