20 سالن دورنا پهريون ڀيرو آمريڪا ۾ مقامي سطح تي مڇرن جي چڪ سبب مليريا جي ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ 2 جڏهن ته ٽئڪساس ۾ مليريا جي هڪ ڪيس جي تصديق ٿي آهي.2003 کانپوءِ آمريڪا ۾ مليريا جا ڪيس اهڙن ماڻهن ۾ رپورٽ ٿيا آهن جيڪي پرڏيهه مان آيا هئا.پر مليريا جي تازن ڪيسن ۾ ٽنهي مريضن ٻاهرين مُلڪ جو سفر نه ڪيو هو ۽ طبي اختيارين طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.اختيارين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته مقامي سطح تي مڇر هاڻي ان بيماري کي پکيڙي رهيا آهن ۽ وڌيڪ ماڻهون مليريا جو شڪار ٿي سگهن ٿا.ماهرن موجب، موسمياتي تبديليون مڇرن سبب پکڙجندڙ بيمارين جي ڦهلاءُ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.ياد رهي ته مليريا سبب هر سال دنيا ۾ لکين ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويندا آهن، جن ۾ گهڻو انگ پنج سال کان ننڍي عمر جي ٻارن جو هوندو آهي.