پرڏيهي ميڊيا موجب افغان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته انتهائي افسوس سان خبر پئي ته صهيوني حملي آورن جي حملي ۾ حماس جو سربراهه يحيٰ سنور شهيد ٿي ويو آهي افغان طالبان جي ترجمان چيو ته اسان حماس جي بهادر مجاهد ڀاءُ يحيٰ سنوار جي شهادت تي فلسطين جي مظلوم ۽ مجاهد عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، قابض اسرائيل کي مجاهدن جي اڳواڻن جي شهادت کي نه وساريو وڃي اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان حڪومت سڀني مسلمانن تي زور ڀريو آهي ته هو فلسطين جي مظلوم عوام جي موقف جي حمايت ڪن ۽ اها ذميواري پوري ڪن، جيڪا سڀني تي لاڳو ٿئي ٿي فلسطين ۾ حماس اسرائيلي حملي ۾ پنهنجي اڳواڻ يحيٰ سنوار جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، غزه ۾ حماس جي سربراهه خليل الحيا هڪ وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته حماس جو اڳواڻ يحيٰ سنوار اسرائيلي فوج سان مقابلي ۾ شهيد ٿي ويو آهي. ايران-اسرائيلي ڇڪتاڻ، بائڊن جو اهم بيان اهو صرف تحريڪ ۽ مزاحمت کي وڌيڪ طاقت، استحڪام ۽ عزم ڏيندو. سندن نقش قدم تي هلندي جدوجهد جاري رکنداسين.