اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته کيس پوري اميد آهي ته حماس فلسطين سان لاڳاپيل امن معاهدي کي رد نه ڪندي.
تفصيل موجب، اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته فلسطين ۾ جاري بدامني ۽ انساني الميي جو پائيدار حل صرف امن سان ممڪن آهي، ۽ ان سلسلي ۾ سڀ اسٽيڪ هولڊرز کي سنجيدگي سان اڳتي وڌڻو پوندو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان فلسطين جي عوام سان اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي مڪمل همدردي ۽ حمايت جاري رکندو.