يوم تشڪرتقريب: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جهنڊو ڦڙڪايو

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀارتي حملن جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ۽ زخمين لاءِ  ڏهه، ڏهه لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي. آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابي تي يومِ تشڪر جي موقعي تي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جهنڊو چاڙهڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جهنڊو ڦڙڪايو، جڏهن ته صوبائي وزير، صلاحڪار، خاص مددگار، چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا آفيسر پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ملڪ سان محبت جي اظهار لاءِ قومي ترانو وڄايو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان جي سپاهين ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، مادر وطن جو دفاع هر پاڪستاني جو پهريون فرض آهي ۽ ملڪ جي عزت تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو.